قاضي شفيق مهيسر

قاضي شفيق مهيسر

قاضي شفيق مهيسر

قاضي شفيق مهيسر: نامور سياستدان قاضي شفيق مهيسر ولد قاضي عبدالحميد مهيسر 19 جولاءِ 1947ع تي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ قاضي عارف ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي. ميٽرڪ جو امتحان ميهڙ هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر حيدرآباد مان پاس ڪيائين. بي.اي ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ وڪالت لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. سياست ۾ شفيق مهيسر جي سرپرستي قومپرست پارليامينٽرين اڳواڻ عبدالحميد خان جتوئي ڪئي ۽ هن پي.اين.پي (بزنجو گروپ) جي پليٽ فارم تان باضابطه سياست جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو سرگرم رهيو. 1980ع جي بلدياتي چونڊن ۾ تعلقي ميهڙ جو چيئرمئن ٿيو. 1985ع ۾ غير جماعتي عام چونڊن ۾ ميهڙ جي تڪ تان ايم.پي.اي ٿيو. شفيق مهيسر سنڌ اسيمبليءَ اندر سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪيو ۽ 120 ايم.پي.ايز سان گڏجي ٺوڙي ڦاٽڪ واقعي واري هنڌ قرآن خواني ڪرائي ۽ سخت احتجاج ڪيو. جڏهن سنڌ قومي اتحاد جڙيو پئي ته ان جي مک اڳواڻن ۾ شامل رهيو. هن 1988ع ۽ 1990ع ۾ سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان عام چونڊن ۾ حصو ورتو 1993ع جي عام چونڊن ۾ عبدالحميد خان جتوئيءَ پاران کيس ميهڙ مان ايم.پي.اي جي ٽڪٽ نه ڏيڻ تان ڌرين ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ ان کان پوءِ قاضي شفيق مهيسر پي.اين.پي ۾ شموليت اختيار ڪري جتوئي ڀائرن کان عليحدگي اختيار ڪئي. پي.اين.پي جي پليٽفارم تان ميهڙ واري تڪ تان ايم. پي. اي جي سيٽ تي چونڊ وڙهيو. هو پي. اين. پي سنڌ جو صدر به رهيو. شهيد مير مرتضى ڀُٽي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان پهچي سياست جي شروعات ڪئي ته هن 70 ڪلفٽن تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ قاضي عارف اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ پي. اين. پي جو وڏو جلسو ڪري پنهنجي پارٽي پ پ شهيد ڀٽو ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ پ پ شهيد ڀٽو ڊويزن حيدرآباد جو کيس صدر بڻايو ويو. مير مرتضى ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندس قتل ڪيس جي ڪجهه وقت پيروي پڻ ڪيائين ۽ پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو صدر بڻيو. 1999ع ۾ هن پ پ شهيد ڀٽو ڇڏي پ پ ۾ ‎شموليت ڪئي. 2001ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ عوام دوست پينل جي پليٽفارم تان ضلعي ناظم جي چونڊ ۾ ملڪ اسد سڪندر سان مقابلو ڪيو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. 2002ع ۾ عام چونڊن ۾ پ پ جي پليٽفارم تان ميهڙ جي تڪ تان ايم. پي. اي جي سيٽ تي بيٺو ۽ صداقت جتوئيءَ سان مقابلو ڪيائين، پر شڪست مليس. مير مرتضى ڀٽو جو ساٿ ڏيڻ تان مٿس چورين، ڌاڙن ۽ جهيڙن سميت ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ کيس 6 مهينن تائين ڪاڇي جي مختلف ٿاڻن ۾ قيد ڪيو ويو. هن جا سياسي ۽ سماجي واسطا تمام گهڻا هئا. هن پنهنجن ذاتي واسطن سبب ڪروڙين رپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن ۾ ڪڪول واهه تي ريگيوليٽر جي تعمير، ڳوٺ قاضي عارف کي ماڊل وليج ڪرائڻ، تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ دل جو شعبو قائم ڪرائڻ سميت وڏي تعداد ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. قاضي شفيق مهيسر، 23 جون 2012ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان ڳوٺ قاضي عارف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.19  عيسوي

قاضي شفيق مهيسر ولد قاضي عبدالحميد مهيسر 19 جولاءِ 1947ع تي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ قاضي عارف ۾ جنم ورتو.


2012.06.23  عيسوي

قاضي شفيق مهيسر، 23 جون 2012ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان ڳوٺ قاضي عارف ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
جانڻ چن
ڀِندل
ڄام نندو خان ٽالپر
شجاعت علي بکري
جي ايم ڀڳت
آري
پيرزادو شاهه محمد
سوامي گوالانند مهراج
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون